ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ انڊسٽري جي مشهور اداڪارا ڪرينا ڪپور انڪشاف ڪيو آهي ته سندس ڀيڻ ۽ اڳوڻي اداڪارا ڪرشما ڪوپر جو پهريون ڪرش سلمان خان هو. اداڪارا ڪرينا ڪپور ۽ ڪرشما ڪپور پهريون ڀيرو نيٽ فلڪس تي نشر ٿيندڙ دي گريٽ انڊين ڪپل شو ۾ گڏجي شرڪت ڪنديون ۽ شو جو ٽريلر ڀارتي ميڊيا جي سوشل ميڊيا پيج تي شيئر ڪيو ويو آهي. شو دوران ڪرشما ۽ ڪرينا پنهنجي ذاتي زندگي سميت بالي ووڊ ڪيريئر ۽ زندگي جي خوبصورت لمحن تي ڳالهائين ٿيون. شيئر ڪيل ٽريلر ۾ ميزبان ڪپل شرما ڪرينا ڪپور کان سوال ڪيو ته ڪرشما جو پهريون ڪرش ڪير هو جنهن تي ڪرينا انڪشاف ڪيو ته کيس لڳندو آهي ته سلمان خان. ڪرينا جي جواب تي ڪرشما حيران ٿي وئي، ڀيڻ کي ڏٺو جنهن تي ڪرينا به خوبزده ٿي کلڻ لڳي.