رياض (اسپورٽس نيوز) دنيا جي مشهور فٽبال اسٽار ڪرسٽيانو رونالڊو ڪلب ورلڊ ڪپ ۾ حصو وٺڻ جي آڇ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. رونالڊو سعودي ڪلب النصر سان 2 سالن جي نئين معاهدي تي صحيح ڪرڻ کان پوءِ هڪ وڊيو پيغام ۾ چيو ته هن کي ڪلب ورلڊ ڪپ ۾ کيڏڻ جون ڪجهه آڇون هيون، پر هن سوچيو ته اهو بي معنيٰ هو، ڇاڪاڻ ته هن لاءِ بهتر هو ته هو مڪمل طور تي آرام ڪري ۽ سٺي تياري ڪري. رونالڊو وڌيڪ چيو ته سندس مقصد نه رڳو النصر لاءِ پر پرتگالي قومي ٽيم لاءِ پڻ مڪمل طور تي تيار رهڻ هو، اهو ئي سبب آهي جو هن پاڻ کي نيشنز ليگ جي آخري ميچ تائين محدود رکيو ۽ ڪنهن ٻئي آڇ تي ڌيان نه ڏنو. رونالڊو تازو ئي نيشنز ليگ جي فائنل ۾ اسپين خلاف گول ڪيو، جنهن کان پوءِ پرتگال پينلٽي شوٽ آئوٽ ۾ کٽيو. مون کي يقين آهي ته مان سعودي عرب ۾ چيمپيئن ٿيندس. رونالڊو زور ڏنو ته سندس مقصد هميشه النصر لاءِ ڪجهه وڏو کٽڻ رهيو آهي ۽ مان اڃا تائين ان تي يقين رکان ٿو، اهو ئي سبب آهي جو مون ٻن سالن جو معاهدو ڪيو آهي.