‘ڪردارڪشي’: ھڪ خطرناڪ نفسياتي بگاڙ

0
33
‘ڪردارڪشي’: ھڪ خطرناڪ نفسياتي بگاڙ

ڪردارڪشي (ڪيريڪٽر اسيسينيشن) ڇا آھي؟ ڪردارڪشي ڪڏھن، ڪنھن جي ۽ ڇو ڪئي ويندي آھي؟ ڇا ھي ھڪ عام ماڻھوءَ جي عام عادتن ۾ شمار آھي يا ھي ڪو خاص رجحان آھي؟ ڪا ابتر سوچ آھي؟ ڪو ناڪاري يا ھاڪاري عمل آھي يا عمل جو ردعمل آھي؟ يا وري ھي ڪو علم وغيرہ يا ھڪ خطرناڪ نفسياتي بگاڙ (ڊس آرڊر) آھي، جنھن تي پاڻ اڄ توھان کي ھن آرٽيڪل وسيلي ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھيون. ڪردارڪشي جي سادي ۾ سادي وصف جيڪا اسان کي لغتن مان ملي ٿي ۽ جيڪا ماھرن ٻڌائي آھي سا ھي آھي ته: “پنھنجي گفتگو جي وسيلي ڄاڻي واڻي ھڪ اھڙي ڪوشش ڪرڻ، جنھن سان توھان جي مخالف جي ساک بري طرح سان متاثر ٿئي.

                 ” “ھڪ اھڙو باصلاحيت ماڻھو جنھن کان توھان خائف ھجو. ھن جي تعليمي، پيشوراڻي، سياسي ۽ سماجي حيثيت ۽ ترقي کي ڏسي توھان انتھائي طور تي پريشان ٿيندا ھجو، ھن خلاف توھان جي دماغ ۾ ناڪاري خيال ايندا ھجن، ھو جيڪو توھان کي پسند نه ھجي. توھان ان کي ڏسڻ سان ئي خار کائيندا ھجو، ان خلاف، ان جي سامھون يا ان جي پرپٺ، ان جي صلاحيتن کي مڃڻ کان سڌو سنئون انڪار ڪندا ھجو. تھمتون ھڻندا ھجو، ان خلاف گُٿا لفظ استعمال ڪندا ھجو، ڇتي ۽ بي سبب تنقيد ڪندا ھجو ته ان سڄي عمل جو نالو به ڪردارڪشي آھي. بظاھر سادو پر پنھنجي معنى ۽ مطلب ۾ ھي ھڪ اھڙو خطرناڪ رجحان آھي، جنھن جي مدد سان ڄاڻائيءَ ۾ يا اڻڄاڻائيءَ ۾ ڪنھن جي اعتماد ۽ شخصي قد ڪاٺ کي اسان ٺيڪ ٺاڪ نقصان پهچائيندا آھيون. ھن ورتاءَ جو نالو به ڪردارڪشي آھي. ھي ھڪ اھڙي عادت آھي، ھڪ اھڙي سوچ آھي ۽ ھڪ اھڙو نفسياتي بگاڙ آھي، جيڪو توھان کي تيستائين سک سان ويھڻ نه ڏيندو، جيستائين توھان ڪنھن جي خلاف پنھنجي ناڪاري جذبن جو اظھار نه ڪندا. خاص طور تي پنھنجي دوستن، ھم خيال يارن، اولاد ۽ پنھنجي جيون ساٿيءَ جي سامھون. ڪردارڪشي ڪرڻ واري ماڻھوءَ کي سڃاڻڻ تمام گھڻو سولو به آھي ته تمام گھڻو اوکو ڪم به آھي. سولو انھيءَ ڪري ته اھڙا ماڻھو پاڻ کي موجود ۽ ٻئي کي غيرموجود سمجھندا آھن. ھر وقت ٻين جي خلاف پيا ڳالھائيندا رھندا آھن. اوکو انھيءَ ڪري ته جيڪڏھن ساڳيو ماڻھو توھان جي رت جي رشتن ۾ شامل آھي ته تروھان بذاتِ خود ان جي غلط عملن، جن ۾ ڪنھن جي ڪردارڪشي ڪرڻ به شامل آھي، ان تي ڍڪ رکڻ جي ڪوشش به ڪندا آھيو. بس ايترو چئي ٻين کي سمجھائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا آھيو ته ڇا ڪريون، ھُن جي طبيعت ئي اھڙي آھي. ھي آھي

اھا خطرناڪ سوچ جيڪا اڪثر خاندانن، رشتن ۽ دوستن ۾ ڏار وجھڻ جو سبب به بڻجي ٿي. ڪردارڪشي ڪندڙ ماڻھوءَ کي نظرانداز نه ڪريو، چاھي پوءِ اھو توھان جو سڳو ڀاءُ يا سڳي ڀيڻ ئي ڇونه ھجي. ھنن کي احساس ڏياريندا رھو ته توھان غلط ڪري رھيا آھيو. توھان ھڪ نفسياتي بگاڙ جو شڪار ٿي چڪا آھيو. ڪردارڪشي ڪرڻ سان توھان ٻين جو مستقبل تباھ ڪري رھيا آھيو. ڪردارڪشي جو بري ۾ برو اثر ھڪ ٻار ۾ اعتماد جي ڪمي جي صورت ۾ نمايان ٿيندو رھندو آھي. ان جي پڙھائي وارو عمل ٺيڪ ٺاڪ متاثر ٿيندو رھندو آھي. ان ۾ ناڪاري سوچ  پروان چڙھندي رھندي آھي. ھو بيڪار بڻجڻ ۾ سڪون کي ڳوليندو رھندو آھي. ڪم ڪار کان لھرائيندو آھي ۽ دل سان پڙھائي به ڪونه ڪندو آھي. ٻين لفظن ۾ ڪردارڪشي جي ڪري اھو ٻار به غير ارادي طور تي ھڪ ٻئي نفسياتي بگاڙ يعني انتقامي سوچ رکڻ جو شڪار ٿيڻ شروع ٿي ويندو آهي.

ڪردارڪشي ايترو ته خطرناڪ نفسياتي بگاڙ آھي جو گڏيل خاندانن ۾ رھندي اسان ڪڏھن ھي سوچيو آھي ته، اسان جي جن جن آڪھن ۾ ڏھ 10 ٻار ھوندا آھن ۽ اھي سڀ جيڪڏھن اسڪول ويندڙ ھوندا آھن ته انھن مان صرف ٻه يا ٽي ٻار ئي اڳتي نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آھن. باقي ٻار ساڙ، رنج، ڪروڌ جي ور چڙھي ويندا آھن. ائين ڇو ٿيندو آھي؟ توھان چئي سگھو ٿا ته، ڏھن مان ٻن ٽن ٻارن جي ڪامياب ٿيڻ ۽ ٻين جي ناڪام ٿيڻ جي پويان انھن خاندانن جي معاشي سگھ جون ڪھاڻيون ھجن،

جن خاندانن سان انھن ٻارن جو تعلق آھي. توھان چئي سگھو ٿا ته ناڪام ٿيندڙ ٻارن ۾ ذھانت جي کوٽ ھجي ۽ توھان ھي ڳالھ به ڪري سگھو ٿا ته انھن ٻارن جو پڙھائي طرف ڌيان گھٽ پر، سڄو سڄو ڏينھن رلڻ ۽ کيڏڻ پويان ھجي. يقين ڄاڻو اسان توھان جي ڳالھ ۽ توھان جي موقف جو قدر ڪريون ٿا پر، ساڳيو مسئلو جڏھن نفسياتي، سماجي ۽ تعليمي ماھرن آڏو رکنداسين ته اھي اسان ۽ توھان جي ڳالھين سان سھمت ڪونه ٿيندا. اھي اسان جي موقفن کي آرام ۽ سڪون سان ته ٻڌندا پر، اسان سان اختلافِ راءِ به رکندا. آرام ۽ سڪون سان ٻڌڻ ۽ اختلاف راءِ رکڻ جي پويان ھنن جي اھا تعليمي، علمي ۽ تجرباتي سگھ ۽ قابليت ھوندي آھي، جنھن کي ھنن پاران مختلف وقتن تي حاصل ڪيو ويو ھوندو آھي.

ھاڻي ھڪ ھن ڳالھ کي به ذھن ۾ رکو ته اسان وٽ، اسان جي ڪٽنبن اندر، ۽ پوري معاشري ۾ اھڙا فرد به توھان ڏٺا ۽ ٻڌا ھوندا، جن جو سڄو سڄو ڏينھن ڪم ٻين تي ٽوڪ ٺٺول ڪرڻ، طعنو تنڪو ھڻڻ، طنز ڪري ميارون ڏيڻ ھوندو آھي يا پاڻ کي پوري برادري ۾ معتبر سمجھڻ، رت جي رشتن ۾ صرف پاڻ کي ئي عقلِ ڪل ڄاڻڻ ۽ ٻين جي ڀيٽ ۾ صرف پنھنجي اولاد، ڀينرن ۽ ڀائرن کي ئي اعلى تصور ڪرڻ ھوندو آھي. ٻين کي گھٽ ۽ جاھل تصور ڪرڻ، پاڻ ۽ پنھنجن رشتن تي ناز ڪرڻ، ٻين جي آڏو پنھنجي ۽ پنھنجي اولاد جي تعريف ڪرڻ ئي ھنن جو شيوو ھوندو آھي پر، ٻين جي سياسي، سماجي حيثيت، ڪاميابي، آزاد خيالي، انقلابي سوچ ۽ شوق ذوق ھنن کان ڪنھن به صورت ۾ برداشت ناھي ٿيندو. اھڙا ماڻھو معاشي ۽ سماجي طور تي خوشحال ته ھوندا آھن پر، ھنن جي سوچ ٻين ٻارن لاءِ، خاص طور تي انھن ٻارن جي لاءِ جيڪي واقعي به ڪجھ صلاحيتن جا مالڪ ھوندا آھن، انھن جي لاءِ زھر جو ڪم ڪندڙ ھوندي آھي. ڪردارڪش ماڻھو توھان کي ھر ھنڌ ملندا. اسڪولن ۾،  آفيسن ۾، راڄنيتي ۾، مخالف نيتائن ۾. مزي جي ڳالھ ته ھر جاءِ تي ھن قسم جا ماڻھو موقعن مان فائدو وٺي به ڄاڻن. آخر ۾ ڪردارڪشي کي ھڪ مثال مان توھان کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا ته جيئن توھان کي خبر پوي ته ھن جا ھڪ ٻار جي زندگي تي ڪيڏا نه برا اثر پون ٿا. اسان ٻارن کي ڇھين درجي ۾ انگريزي پڙھائيندڙ ۽ ڊرائينگ سيکاريندڙ استاد انھيءَ ڪري ڀلو لڳندو ھو، ڇو ته ھُو اسان ٻارن کي ڪھاڻيون ٻڌائڻ سان گڏ انگريزي نظمن کي ترنم سان ٻڌائيندو به ھو. انھن ڏينھن ۾ مونکي به جيئن ته ڳائڻ جي لت لڳل ھوندي ھئي، سو نه ڏسندو ھئس موقعو نه مناسبت، ھر وقت ڪلاس ۾ منظور سخيراڻي بڻيو پيو ھوندو ھئس. ھڪ ڏينھن ان استاد ڀريي ڪلاس ۾ مونکي اٿاري بيھاري ٽوڪ ۽ ٺٺول ڪندي سنڌ جي ھڪ مقبول ۽ عوامي فنڪار جو نالو کڻي چيو ته ھي ڇوڪرو پڙھندو ڪونه ۽ ان وانگي ڳائڻو ٿيندو. ھي لفظ ٻڌڻ شرط منھنجو منھن لھي ويو ۽ روئڻ ۾ پئجي ويس. استاد جي انھن لفظن مون تي ايترو ته خراب اثر ڪيو، جو مان ڳائڻ واري ڪرت تان ته هٿ کڻي ويس پر شوق اڄ به برقرار آھي. فرق صرف ھي آھي ته اڳ ۾ ڳائيندو رھندو ھئس، ھاڻي ڌنون ترتيب ڏئي سانڍيندو ويندو آھيان، انھيءَ اوسيئڙي ۾ ته “ڪٿي ته ڪڏھن پنھنجو وارو به ايندو”. 1980ع کان 2024ع تائين 44 سال گذرڻ جي باوجود به اھي لفظ مونکان وسريا ناھن. توڻي جو ساڳيو استاد منھنجي آئيڊيل استادن ۾ به شامل ھو پر، ڀريي ڪلاس ۾ ھن جي ھڪ غيرمناسب گفتي منھنجو ڳائڻ تان ئي ھٿ کڻائي ڇڏيو. اندازو لڳائي سگھو ٿا ته ھڪ جملي مونتي ڪيترو نه اثر ڪيو! جيڪي سڄو سڄو ڏينھن ٻين تي اجايون تنقيدون ڪندا رھن ٿا، انھن جو اثر ٻين تي ڇا ٿيندو ھوندو!! سوچيو ۽ لوچيو ڇاڪاڻ جو ھي اسان ۽ توھان جي ٻارن جي مستقبل جو سوال آھي. ٻيو ته ھي ھڪ نفسياتي بگاڙ به آھي. ھن کان جيترو بچجي اوترو سٺو آھي. خاص طور تي اسان جي استادن ۽ والدين کي ھن بگاڙ کان محفوظ رھڻ گھرجي.