ڄامشورو(رپورٽر) يوم عاشورا جي مناسبت سان سروري تنظيم ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“  پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته حضرت امام حسين رضه ۽ انهن جي جانثار ساٿين جي ڪربلا ۾ ڏنل لازوال قربانيون صرف اسلامي تاريخ نه پر سڄي عالم انسانيت لاءِ هڪ عظيم درس آهي، جيڪو ظلم جي مقابلي ۾ حق، انصاف ۽ سچائيءَ لاءِ هميشه جو پيغام ڏئي ٿو. مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ چيو ته وقت جي هر دور ۾ ڪربلا جو پيغام ظلم خلاف بيهڻ، ضمير جي آزادي ۽ اخلاقيت کي ترجيح ڏيڻ لاءِ الهام جو سرچشمو رهيو آهي. اڄ اسان جي ذميواري آهي ته امام حسين رضه جي فڪر ۽ فلسفي کي پنهنجي اجتماعي ۽ انفرادي زندگيءَ ۾ شامل ڪريون. ان موقعي تي سروري تنظيم جي چيئرمين شهيدن جي عظيم قرباني کي ڀيٽا پيش ڪئي. آخر ۾ ايصالِ ثواب لاءِ دعا پڻ ڪئي.