نيويارڪ (انٽريسٽنگ نيوز) نيويارڪ جي هڪ عورت مقامي جيل جو دورو ڪري پنهنجي 104هين سالگرهه ملهائي، ليونگسٽن ڪائونٽي شيرف جي آفيس موجب لوريٽا نالي عورت ايون نرسنگ هوم جي عملي کي ٻڌايو ته اها پنهنجي 104هين سالگرهه ليونگسٽن ڪائونٽي جيل جي دوري سان ملهائڻ چاهي ٿي، شريف جي آفيس درخواست تي اتفاق ڪيو ۽ لوريٽا کي جيل جي دوري تي آندو ويو، شريف جي آفيس هڪ فيس بڪ پوسٽ ۾ چيو ته سندس دوري کان اڳ اسان سندس سالگرهه ڪجهه ڪافي ۽ ڪيڪ سان ملهائي ۽ هن شريف کي ٻڌايو ته ڊگهي زندگي گذارڻ جو راز پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻ آهي، پوليس موجب لوريٽا اسان جي جيل جي سهولت جو دورو ڪرڻ ۾ تمام سٺو وقت گذاريو.