ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي کان ڄامشوري ويندڙ بجلي جي هاءِ ٽرانسميشن لائين جي ٽاور مان بريسز پليٽون چوري ڪندڙ جوابدار سوگھو، 26 پليٽون هٿ، دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل، اين ٽي ڊي سي جي ترجمان موجب ايس ڊي او اين ٽي ڊي سي شهريار انصاري ٽيم سان گڏ گشت دوران چور کي سوگھو ڪري 26 بريسز پليٽون هٿ ڪيون. چور کي سوزوڪي سميت گڏاپ پوليس حوالي ڪري دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو. فريادي موجب  بريسز پليٽ هٽائڻ سان ٽاورن کي نقصان پهتو، اربين رپين جي نقصان جو خدشو آهي.