ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي کارادر واري علائقي ۾ 7 ماڙ رهائشي عمارت ( پلازا )جي ڇت ڪري پئي، جنهن سبب 22 ڄڻا عمارت ۾ ڦاسي پيا، اطلاع تي ريسڪيو 1122 جي ٽيم ۽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي امدادي ڪارروايون شروع ڪيون، وڏي جدوجهد بعد اسنارڪل ذريعي 4 عورتن ۽ ٻارن سميت 22 ڄڻن کي حفاظت سان ريسڪيو ڪيو ويو. پوليس موجب حادثي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو ۽ نه وري ڪو زخمي ٿيو آهي، فوري طور ريسڪيو آپريشن شروع ڪري ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍيو ويو آهي، ريسڪيو عملي موجب عمارت ڪمزور هئي.