ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي جي روڪٿام واري خاص عدالت 4 شهرين جي قتل ڪيس ۾ ملوث ايم ڪيو ايم لنڊن جي 4 دهشتگردن فرحت عباس، شاهزيب، مجتبيٰ ۽ حماد کي 11 سالن کانپوءِ بري ڪري ڇڏيو، عدالت حڪم ڏنو ته جوابدارن خلاف ڪو ٻيو ڪيس ناهي ته کين آزاد ڪيو وڃي، جوابدارن جي وڪيل عابد زمان جو چوڻ هو ته پراسيڪيوشن جوابدارن خلاف ڪو به ٺوس ثبوت پيش ناهي ڪيو، پوليس موجب 19 آڪٽوبر 2012 تي مبينا ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ جوابدارن فائرنگ ڪري 4 شهري عمير، عبدالشڪور، ڪامران ۽ اسدالله قتل ڪيا هئا، جوابدارن پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته هنن حماد صديقي ۽ ايم ڪيو ايم جي اعليٰ قيادت جي حڪم تي شهرين تي حملو ڪيو هو، عدالت چيو ته پراسيڪيوشن جوابدارن خلاف ڏوهه ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، جنهن ڪري سمورن جوابدارن کي آزاد ڪجي ٿو.