ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ ) ڪراچي ۾ قومي ۽ سنڌ اسيمبليءَ جون 4 سيٽون وڌڻ بعد تڪن جا نمبر تبديل، ان ڏس ۾ ڪراچي ۾ قومي اسيمبلي جي ھڪ ۽ سنڌ اسيمبلي جي 3 سيٽن ۾ واڌ کانپوءِ تڪن جا نمبر به تبديل ڪيا ويا آهن. 2018ع جي عام چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جو پهريون تڪ اين اي 239 ملير هو، جيڪو هاڻي اين اي 229 ملير بڻجي ويو آهي، ملير ضلعي ۾ 3 قو مي تڪ 229، 230 ۽ اين اي 231 شامل آهن. ڪورنگي ضلعي ۾ قومي اسيمبلي جون 3 سيٽون آهن، جن جا نمبرز اين اي 232، 233 ۽ 234 آهن. جڏهن ته ضلعي اوڀر ۾ قومي جا 4 تڪ اين اي 235، 236، 237 ۽ 238 شامل آهن. اھڙي طرح قومي اسيمبلي جي هڪ سيٽ جي اضافي کانپوءِ ڏکڻ ضلعي ۾ 3 تڪ 239، 240 ۽ 241 هوندا. ڪياماِڙي ضلعي ۾ 2 قومي تڪ اين اي 242 ۽ 243 شامل آهن. اولهه ضلعو3 قومي تڪن اين اي 244، 245 ۽ 246 تي مشتمل آهي. ضلعي سينٽرل ۾ قومي اسيمبلي جا 4 تڪ 247، 248، 249 ۽ 250 شامل هوندا، جائزي موجب ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي پهرين سيٽ جو نمبر 87 هو، جيڪو هاڻي پي ايس 84 ۾ تبديل ٿي ويو آهي، جڏهن ته سنڌ اسيمبليءَ جي آخري سيٽ جو نمبر 130 ئي رهندو