ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي ۽ عرفان شاهه ) ڪراچي جي 25 ٽائون ميونسپل ڪارپوريشنز (ٽي ايم سيز) کي سوئي گيس، ڪي اليڪٽرڪ ۽ ٻين ادارن کان روڊ ڪٽنگ چارجز جي مد ۾ مليل 10 ارب رپين کان وڌيڪ رقم روڊن جي مرمت تي خرچ نه ٿيڻ جو انڪشاف، ڪي ايم سي ۽ ٽي ايم سيز وچ ۾ روڊ ڪٽنگ وارن روڊ ن جي مرمت نه ٿيڻ واري معاملي تي شديد اختلاف سامهون اچي ويا. ڪي ايم سي ۽ ٽي ايم سيز پاران هڪٻئي تي سنگين الزام لڳايا ويا عاملو مڪاني کاتي جي وزير کان پوءِ وڏي وزير تائين به پهچي ويو آهي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ڪراچي جي 25 ٽي ايم سيز کي سوئي سدرن گيس ڪمپني، ڪي اليڪٽرڪ سميت مختلف ادارن لائينون وڇائڻ لاءِ روڊن جي کوٽائي واسطي روڊ ڪٽنگ چارجز جي مد ۾ مجموعي طور تي 10 ارب رپيا ادا ڪيا هئا، ٽي ايم سيز پاران رقمون ملڻ باوجود کوٽائي ٿيل روڊن جي مرمت نه ڪرائڻ سبب شهر جي مختلف اهم روڊن جي حالت خراب ٿي وئي آهي. تازين برساتن ۾ روڊن تي پاڻي بيهڻ ۽ حادثا پيش اچڻ کانپوءِ ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) ۽ 25 ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن (ٽي ايم سيز) ۾ تڪرار پيدا ٿي ويوآهي. ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب واٽر بورڊ، ڪي اليڪٽرڪ، سوئي سدرن گيس ڪمپني ۽ پي ٽي سي ايل سميت مختلف ادارن ٽي ايم سي نيو ڪراچي کي 3 ارب 55 ڪروڙ، ماڊل ڪالوني کي 2 ارب 10 ڪروڙ 42 لک، ٽي ايم سي لياري کي هڪ ارب 2 ڪروڙ 60 لک، ٽي ايم سي جناح کي 73 ڪروڙ 71 لک، ٽي ايم سي ملير کي 62 لک 53 لک، ٽي ايم سي چنيسر کي 26 ڪروڙ 96 لک، ٽي ايم سي مومن آباد کي 14 ڪروڙ 95 لک، ٽي ايم سي صدر کي 26 ڪروڙ، ٽي ايم سي لانڍي کي 21 ڪروڙ 32 لک، ٽي ايم سي اورنگي کي 9 ڪروڙ 86 لک، ڪي ايم سي کي 49 ڪروڙ 89 لک ،ڪي ڊي اي کي 5 ڪروڙ، ڪراچي ڪينٽونمينٽ بورڊ کي 9 ڪروڙ ۽ پاڪستان ريلويز کي 21 ڪروڙ 63 لک رپيا ڏنا ويا، واضح رهي ته ٽي ايم سيز پاران روڊن جي مرمت نه ڪرائڻ تان 2 ڏينهن اڳ ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب مڪاني کاتي جي وزير سعيد غني کي خط لکيو هو ، ذريعن موجب ميئر ڪراچي پاران اهڙي آگاهي وڏي وزير کي به ڏني وئي آهي.
لائينون وڇائڻ بعد ئي روڊن جي مرمت ممڪن آهي: ٽائون چيئرمين
ڪراچي: ميئر ڪراچي پاران مختلف ٽي ايم سيز تي روڊ ڪٽنگ چارجز جي اوڳاڙيل رقم خرچ نه ڪرڻ بابت مڪاني کاتي جي وزير کي لکيل خط کانپوءِ مختلف ٽائون چيئرمينن جو ردِعمل سامهون اچي ويو. جماعت اسلامي جي ٽائون چيئرمينن ميئر ڪراچي کي “قابض ميئر“ قرار ڏيندي چيو آهي ته سوئي سدرن گيس ڪمپني جي روڊ ڪٽنگ چارجز جي حوالي سان مرتضيٰ وهاب جو بيان درست ناهي. ان حوالي سان ماڊل ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جي چيئرمين ظفر احمد خان، نيو ڪراچي ٽي ايم سي جي چيئرمين محمد يوسف ۽ نارٿ ناظم آباد ٽي ايم سي جي چيئرمين عاطف علي خان چيو آهي ته سوئي سدرن گيس ڪمپني جو لائينون وڇائڻ وارو ڪم مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ئي روڊن ۽ گھٽين ۾ تعميراتي ڪم شروع ڪنداسين. هنن چيو ته روڊ ڪٽنگ واري معاملي کي جواز بڻائي ميئر مرتضيٰ وهاب پنهنجي ذميواري کان آجو ٿي نٿو سگھي. جيڪڏهن ميئر زبون حال روڊ رستن ۽ صفائي سٿرائي تي ڌيان ڏئي ها ته اهڙي صورتحال ئي پيدا نه ٿئي ها.
|
روڊ ڪٽنگ جي اجازت ڏيڻ وارو اختيار حد جي ٽي ايم سيز حوالي ٿيل
ڪراچي: روڊ ڪٽنگ جي اجازت ڏيڻ وارو اختيار حد جي ٽي ايم سيز حوالي ٿيل، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب پاڻي، سوئي گيس، بجلي يا ٽيليفون لائينون وڇائڻ کان اڳ روڊ ڪٽنگ لاءِ لاڳاپيل ٽي ايم سيز کان اجازت ورتي ويندي آهي، کوٽائي ڪندڙ ادارن پاران روڊ ڪٽنگ چارج جي مد ۾ رقم پڻ لاڳاپيل ٽي ايم سيز کي ڏني ويندي آهي، اهي ٽي ايم سيز کوٽيل روڊن جي ٻيهر مرمت ۽ تعمير جون پابند هجن ٿيون.
ڪراچي جو شمار دنيا جي آخري 3 شهرن ۾ ٿئي ٿو، سڌارن لاءِ ڪو ادارو متحرڪ ناهي: هاءِ ڪورٽ
ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وفاقي سرڪار جي ڪمپني پي آءِ ڊي سي ايل پاران ڪراچي ۾ ترقياتي منصوبن ۾ مڪاني ادارن جي نمائندن کي نظر انداز ڪري جاري ڪيل ٽينڊرن تي اسٽي لاءِ ڏنل درخواست تي اسٽي واري استدعا رد ڪندي ترقياتي منصوبن ۾ مڪاني نمائندن سان مشاورت جي تجويز ڏئي ڇڏي، عدالت چيو ته وفاقي حڪومت جيڪڏهن چاهي ته منصوبن ۾ مڪاني نمائندن کان مشاورت ڪري سگهي ٿي، درخواستگذار جي وڪيل محمد واوڊا چيو ته آئين جي آرٽيڪل A- 140 تحت روڊن ۽ سيوريج جي مرمت ۽ خيال رکڻ مڪاني ادارن جو اختيارآهي، وفاقي حڪومت نجي ڪمپنين ذريعي ترقياتي منصوبن جا ٺيڪا جاري ڪري رهي آهي، جنهن تي عدالت چيو ته شهر ۾ ترقياتي ڪم ٿيندا، روڊ ٺهندا، سيوريج جا مسئلا به حل ٿيندا، اوهان کي ڪهڙو اعتراض آهي؟ جنهن تي جماعتي وڪيل چيو ته سپريم ڪورٽ نجي ڪمپني ذريعي ترقياتي ڪمن کان منع ڪيو هو، جنهن بعد وفاقي حڪومت ڪمپني جو نالو تبديل ڪري ٽينڊر جاري ڪري ڇڏيا، موٽ ۾عدالت چيو ته سپريم ڪورٽ انهي شهر لاءِ چيو هوندو، جتي مڪاني ادارا متحرڪ هجن، ڪراچي ۾ ته ڪو به متحرڪ ناهي، رهائش جي لحاظ کان ڪراچي دنيا جي آخري ٽن شهرن ۾اچي ٿو ، جنهن تي جماعتي وڪيل چيو ته سپريم ڪورٽ سوال اٿاريو هو ته ڪراچي انفراسٽراڪچر ڊولپمينٽ ڪمپني ڇو ٺهي؟ سپريم ڪورٽ بين الصوبائي روڊن جي مرمت ۽ سيوريج جا مسئلا مڪاني ادارن جي اختيار ۾ قرار ڏنو هو، هن وقت نجي ڪمپني روڊن جي مرمت ۽ سيوريج جا ٽينڊر جاري ڪري رهي آهي، مڪاني نمائندا ئي بهتر ڄاڻن ٿا ته فنڊز ڪٿي استعمال ٿيڻ گهرجن ؟ جنهن تي عدالت چيو ته توهان اهو چئي رهيا آهيو ته وفاقي حڪومت ڪراچي جي انفراسٽرڪچر جي معاملن ۾مداخلت نٿي ڪري سگهي؟ موٽ ۾ جماعتي وڪيل چيو ته ظاهري طور ڪمپني متوازي حڪومت طور ڪم ڪري رهي آهي، جنهن تي عدالت چيو ته توهان جي جهيڙي ۾ شهر اندر ترقياتي ڪم نه ٿيندا، اسٽنٽ اٽارني جنرل چيو ته گرين لائن منصوبو وفاقي حڪومت ٺاهيو هو، جنهن تي وڪيل چيو ته گرين لائين لاءِ مڪاني کاتي اين او سي ڏني هئي, وفاقي حڪومت مقامي نمائندن کي باءِ پاس نٿي ڪري سگهي، ٻڌڻي دوران وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي وڪيلن جواب جمع ڪرائڻ لاءَ مهلت گهري، عدالت ٻڌڻي 17 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
|
ماتمي جلوسن وارن رستن جي مرمت ۽ صفائي ڪرايو: وڏي وزير جي ميئر کي هدايت
ڪراچي: وڏي وزير سيد مراد شاهه ميئر کي ماتمي جلوسن وارن رستن جي مرمت ۽ صفائي ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي
ڪي 4 رٿا لاءِ وفاق 3.2 بدران 40 ارب ڏئي: جماعت اسلامي جو وزيراعظم کي خط
ڪراچي: جماعت اسلامي ڪراچي جي امير منعم ظفر خان وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکي ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ تي خدشا ظاهر ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته ڪي 4 رٿا لاءِ وفاقي بجيٽ ۾ رکيل رقم 3.2 ارب ۾ واڌ ڪري 40 ارب رپيا مختص ڪيا وڃن. هن خط ۾ لکيو آھي ته ڪراچي ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيندڙ شهر آهي، وفاقي ترقياتي بجيٽ ۾ ڪراچي لاءِ مناسب حصو مقرر ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ساڍا ٽي ڪروڙ آبادي واري شهر کي روزانو 1200 ملين گيلن پاڻي جي ضرورت آهي، هن وقت شهر کي رڳو 650 ملين گيلن پاڻي ملي رهيو آهي. هن چيو ته ڪي 4 رٿا سان پاڻي جو مسئلو حل ٿي ويندو.
ڪي ايم سي پاران 32 چارجڊ پارڪنگ سائيٽن تي پارڪنگ مفت ڪرڻ جو اعلان
ڪراچي: ڪي ايم سي اختيارين پاران شهرين لاءِ وڏو رليف، 32 چارجڊ پارڪنگ سائيٽن تي پهرين جولاءِ کان پارڪنگ مفت ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان ڪي ايم سي جي انتظامن هيٺ هلندڙ 32 چارجڊ پارڪنگ ايرياز شهرين لاءِ مفت ڪيا ويا آهن. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ضلعي اوڀر ۾فريه موبائل، رضا موبائل، راشد منھاس روڊ (الغفور کان فردوس شاپنگ مال تائين)، ڪي ڊي اي مارڪيٽ (گلشن فلاءِ اوور کان ڊسڪو بيڪري، علامه شبير احمد عثماني روڊ تائين)، مشرق سينٽر کان ڪريم پلازا، سر شاه سليمان روڊ، سوڪ سينٽر، يونيورسٽي روڊ ۽ سر شاهه سليمان روڊ (گيٽ کان ڊي ايم سي ايسٽ آفيس تائين) چيز پلس صفورا جي سامهون، مين يونيورسٽي روڊ، سينٽرل ضلعي ۾ سرينا موبائل مارڪيٽ ۽ هارون شاپنگ مال، لياقت آباد سپر مارڪيٽ کان لياقت آباد نمبر 10، ايس ايم توفيق روڊ، چيز سپر اسٽور، شاهراه پاڪستان، فيڊرل بي ايريا، ڏکڻ ضلعي ۾ جيلاني سينٽر موبائل مارڪيٽ جي سامهون، ايم اي جناح روڊ، ناز پلازا کان اما ٽاور تائين، ايم اي جناح روڊ، ايم اي جناح روڊ (ڪوثر ميڊيڪو کان سول سگنل، لائيٽ هائوس سگنل کان ايم ڊبليو ٽاور تائين)، ڪورنگي ضلعي ۾ رضا موبائل مارڪيٽ کان نادرا آفيس، مين نيشنل هاءِ وي، ملير، امان ٽاور جي سامهون، مين ڪورنگي روڊ ڪراسنگ، جهانگير پٽرول پمپ، ڪوئيٽا نمڪو، رفيق مارڪيٽ (چمن پلازا) سامهون ۽ ضلعي اولهه ۽ ڪياماڙي ۾ ڪي پي ٽي گيٽ نمبر 01، ڪياماڙي، شيل پٽرول پمپ جي ويجهو، ايم اي جناح روڊ، شارجا شاپنگ مال کان ڪوهنور ميرج هال تائين، حب ريور روڊ سميت مجموعي طور تي 32 اهم شاهراهن ۽ مارڪيٽن ۾ پارڪنگ مفت هوندي.