ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اختيارين ڪراچي ۾ 18 رهائشي منصوبن ( پلازا )کي غيرقانوني  قرار ڏئي شهرين کي خريداري کان روڪي ڇڏيو، ان حوالي سان سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اختيارين سرجاني ٽائون جي زبيده ريزيڊنسي، فاطمه ريزيڊنسي، ميمڻ ريزيڊنسي، فاطمه ڊريم سٽي، سرجاني ڊريم سٽي ۽ الحده رهائشي منصوبي کي  غيرقانوني قرار ڏنو آهي، اهڙي طرح ملير جي ميمڻ ڳوٺ جي فاطمه ڊريم سٽي، ملير ريزيڊنسي، منگھوپير جي مروا هلز ولاز، مهراڻ هاءِ وي جي رميسا سٽي کي به غيرقانوني قرار ڏنو ويو آهي، ٻئي طرف گلشن معمار جي العارف ريزيڊنسي، جميلا گرانڊ، گيٽ وي گرين سٽي، سپريم سٽي، مائونٽين ويو سٽي، ايم اي انڪليو، آزان آئيڪون سٽي ۽ آئمه آرڪيڊ کي غيرقانوني قرار ڏنو ويو آهي. بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پاران شهرين کي به خبردار ڪيو ويو آهي ته ڄاڻايل 18 منصوبن ۾ خريداري يا سيڙپڪاري نه ڪئي وڃي.