ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ مبينه زهريلي شيءَ کائڻ سبب 3 ٻارن جي فوت ٿيڻ واري معاملي جي جاچ جاري، ڪالهه پوليس فوتي ٻارن زيدان، ارشان ۽ ايشال جي ماءَ نورين کي حراست ۾ وٺي کانئس پڇاڳاڇا ڪئي، بعد ۾ سندس بيان قلمبند ڪرڻ کانپوءِ کيس گھر وڃڻ جي اجازت ڏني. نورين پوليس کي ڏنل بيان ۾ چيو ته شام جو فليٽ ۾ اسپري ڪيو هو، جنهن بعد ٻارن لاءِ پاراٺا ٺاهيم، پراٺا کائڻ بعد ٻارن جي طبيعت خراب ٿي پئي، مون وٽ پئسا نه هئا جو ٻارن کي اسپتال کڻي وڃان ها، صبح جو ننڊ مان اٿڻ کانپوءِ ڏٺم ته ٻارڙا بيهوش هئا، جنهن بعد ٻارڙن کي اسپتال کڻي آندو ته ڊاڪٽرن موت جي تصديق ڪئي. هن چيو ته مڙس سان عليحدگي ٿي وئي هئي، هو هر مهيني 15 هزار رپيا اماڻيندو هو، پوليس موجب معاملي جي مختلف رخن کان جاچ جاري آهي. واضح رهي ته ٻارن جي والد پنهنجي گھر واري سميت ساهرن تي قتل جو الزام هنيو هو