ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي پوش علائقي ڊفينس جي توحيد ڪمرشل ايريا ۾جوابدارن فائرنگ ڪري سيڪيورٽي گارڊ سعيد ولد الله بخش کي قتل ڪري ڇڏيو، ايس ايس پي سائوٿ ساجد امير سدوزئي موجب مقتول ڊي پيڪ ڪمپني ۾ سيڪيورٽي گارڊ هو، جيڪو موٽر سائيڪل تي 5 لک کڻي وڃي رهيو هو، وٽس پسٽل به هو، جوابدارن کانئس رقم ۽ پسٽل ڦر ناهن ڪيا، جوبدار  پنهنجي موٽر سائيڪل به ڇڏي ويا. ڦر دوران مزاحمت ۽ ذاتي دشمني سميت ٻين رخن کان جاچ جاري آهي.