ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ 4 ڀينرن تيزاب پي ڇڏيو، ٽن جي حالت خراب، اورنگي ٽائون جي سيڪٽر 14 ۾ واقع مسلم نگر ۾ 4 ڀينرن تيزاب پي ڇڏيو، تيزاب پيئڻ کانپوءِ ٽن ڀينرن جي حالت خراب ٿي وئي، جن کي فوري طور تي عباسي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ابتدائي طبي امداد ڏيڻ کانپوءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو. متاثر ڀينرن جي سڃاڻپ 24 سالن جي رباب، 20 سالن جي صبا ۽ 18 سالن جي رفعت طور ٿي آهي، شروعاتي جاچ موجب 4 ڀينرن گهريلو تڪرار تان صفائي مقصدن لاءِ استعمال ٿيندڙ تيزاب پيتو، ميڊيڪل رپورٽ ۾ صورتحال واضح ٿي ويندي.