ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ڪسٽم جي ڪارروائي، 25 ڪروڙن جو اسمگلڊ سامان ضبط، هڪ جوابدار گرفتار، ترجمان موجب ڪسٽم اختيارين کي اطلاع مليو ته ڪراچي شهر ۾ آمريڪي ۽ ڀارتي دوائن جي وڏي کيپ نيپيئر جي علائقي الطاف حسين روڊ وٽ گودام ۾ پيل آهي. ان اطلاع تي ڪليڪٽر باسط مقصود عباسي ايڊيشنل ڪليڪٽر ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر ڪسٽم محمد رضا نقوي کي ذميواريون سونپيون، جن نيپيئر جي علائقي فخرالدين منزل الطاف حسين روڊ تي ڪامياب ڪارروائي ڪري دوائن جي کيپ هٿ ڪري ورتي ۽ هڪ  جوابدار محمد آدم کي موقعي تان گرفتار ڪيو، ضبط ڪيل دوائن جي مجموعي قيمت 25 ڪروڙ رپيا آهي.