ڪراچي ۾ ھڪ ٻئي نالي ۾ گئس ڀرڻ سبب ڌماڪو

0
237
ڪراچي ۾ ھڪ ٻئي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي محمود آباد واري علائقي ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ايس ايس پي ايسٽ قمر رضا به تصديق ڪئي ته محمود آباد ڊرين ۾ ڌماڪو گيس ڀرجڻ سبب ٿيو

ايس ايس پي قمر رضا موجب ڌماڪي سان روڊ جي ٻئي پاسي هڪ دڪان متاثر ٿيو ۽ دڪان اندر موجود 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پوليس اختيارين موجب ڌماڪي کانپوءِ پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ شير شاهه جي علائقي پراچا چوڪ ويجهو نالي ۾ گئس ڀرجڻ سبب ڌماڪي جي نتيجي ۾ 17 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا هئا. ڌماڪي جي نتيجي ۾ خانگي بئنڪ جي عمارت مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي ۽ ڀرپاسي جي ٻين عمارتن کي به نقصان پهتو