ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي شھر ۾ معطل ٿيل بجلي بحال ٿيڻ شروع ٿي وئي آھي، ڪراچي ۾ بجلي جي هاءِ ٽينشن لائن ٽرپ ٿيڻ ڪري ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي بند ٿي وئي ھئي، هاء ٽينشن لائين جون25 گرڊ اسٽيشن بند ٿيڻ ڪري بجلي فراهمي معطل ٿي وئي، اڌ شھر ۾ بجلي بند ٿي وئي، نيو ڪراچي، سر سيد ٽائون، ايف بي ايريا نارٿ ناظم آباد، نشتر ڪالوني ڪورنگي، ملير، نادرن چورنگي، سرجاني ٽائون، گلشن اقبال، بفر زون، شاد مان ۽ ٻين علائقن ۾ بجلي بند ٿي وئي، جڏھن تھ ڪي اليڪٽرڪ جو چوڻ آهي ته هاءِ ٽينشن ٽرپ ٿيڻ سان ڪي اليڪٽرڪ جون 220 ڪي وي هاءِ ٽينشن لائن ٽرپ ڪري ويون، جن علائقن جي بجلي معطل ٿي آهي اتي بجلي بحال ٿيڻ شروع ٿي وئي آھي، ٻئي پاسي پاور ڊويزن جو چوڻ آهي ته ڪراچي کي بجلي سپلاءِ ڪرڻ واري ٽرانسميشن لائن بحال ڪري ڇڏي، اين ڪي بلديه ۽ بلديه 2 ٽرانسميشن لائنز بحال ڪري ڇڏيون اهن جڏهن ته بجلي جو لوڊ شيڊنگ آهستي آهستي وڌايو پيو وڃي.