ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  سنڌ جي راندين واري کاتي پاران مائي ڪولاچي روڊ کان فريئر ھال تائين گڏھن جي ڊوڙ جو مقابلو 50 کان وڌيڪ گڏھن حصو ورتو، سرتاج گوءِ کڻي ويو، گڏھن جي ڊوڙ واري مقابلي ۾ شوقينن سان گڏ ڊوڙ ڏسڻ وارن جو به  وڏو انگ شريڪ ٿيو، ڊوڙ ۾ حصو وٺندڙ گڏھن جا شوقين پنهنجي گڏھن کي سينگاري ڊوڙ ۾ وٺي آيا، مقابلي ۾ سرتاج، چنگيز، بجلي ۽ ٻين گڏھن حصو ورتو ۽  عارف بلوچ جي گڏھ سرتاج  پھرين پوزيشن حاصل ڪئي، فيريئر ھال ۾ ٿيل تقريب ۾ ڳالهائيندي سنڌ جي راندين واري کاتي جي سيڪريٽري  عبدالعليم لاشاري گڏھن جي ڊوڙ ۾ پھرين پوزيشن ماڻيندڙ کي ھڪ لک رپيا، ٻي پوزيشن واري کي 75 ھزار ۽ 50 ھزار ٽئين پوزيشن واري کي ادا ڪيا وا، ان موقعي تي خطاب ڪندي راندين واري کاتي جي سيڪريٽري عبدالعليم لاشاري چيو ته سنڌ جو راندين وارو کاتو گڏھن جي ڊوڙ ۾ حصو وٺندڙ مالڪن جي رجسٽريشن ڪندو ۽ پوءِ انھن جي ھر حوالي سان مدد ڪئي ويندي، ھر ضلعي ۾ مقامي ۽ ثقافتي راندين کي ھٿي وٺرائي ويندي، ھن چيو ته سنڌ ۾ ڏاندن جي ڊوڙ جو به جلد مقابلو ڪرايو ويندو.