ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي سچل واري علائقي ۾ واقع زهره نگر سوسائٽي ۾ گهر ۾ ڌاڙي دوران پوليس جو  بليڪ ( ڪاري ) ڪرولا گينگ سان مبينا مقابلو، هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ. ان ڏس ۾ ايسٽ پوليس جي ترجمان موجب 5 جوابدار زهره نگر ۾ شهري سمير حسين جي گهر ۾ ڌاڙي لاءِ داخل ٿيا، گهر جي ڇت تي موجود گهر مالڪ جي ڀاءُ 15 پوليس مددگار ۽ سوسائٽي جي سيڪيورٽي گارڊ کي اطلاع ڏنو، سچل پوليس ۽ سيڪيورٽي گارڊ پهچي جوابدارن سان مقابلو ڪيو، پوليس ترجمان موجب  جوابدار فائرنگ ڪندي ڪرولا ڪار نمبر بي ايچ وي- 452 ۾ سوار ٿي فرار ٿيڻ لڳا ته پوليس سندن پيڇو ڪيو، جوابدار رستي ۾ ڪرولا ڪار ڇڏي ڦر ڪيل سوزوڪي هاءِ روف ۾ زخمي ساٿي کي کڻي جناح اسپتال پهتا، اطلاع تي  پوليس پهچي جوابدار عباسي کي گرفتار ڪري ورتو.