ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ فائرنگ، هڪ نوجوان مارجي ويو، مواڇ ڳوٺ جي ڪاڇيلو ڳوٺ ۾ نامعلوم هٿياربندن گهر ٻاهران بيٺل 22 ورهين جي عبدالصمد پٽ عبدالحئي تي فائر ڪيا، گوليون لڳڻ سبب نوجوان موقعي تي ئي قتل ٿي ويو. اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪيون ويون آهن، جاءِ واردات تان گولين جا 9 خول مليا آهن، مقتول غوثيه فوڊز تي ڪم ڪندو هو. پوليس موجب شروعاتي جاچ مان لڳي ٿو ته نوجوان کي ذاتي دشمني تان قتل ڪيو ويو آهي.