ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 6 گهر ڀاتي فوت، ان ڏس ۾ سائيٽ سپر هاءِ وي وٽ واقع جنجال ڳوٺ ۾ گهر جي ڇت ڌماڪي سان پٽ پئجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ گهر ڌياڻي، 3 ٻارڙين سميت 6 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته 4 زخمي آهن. پوليس موجب گهر زيرتعمير هو جنهن جي ڇت بجري جو بار سهي نه سگهي ۽ ڪري پئي.