ڪراچي: ڪراچي ۾ هارون آباد واري علائقي ۾ گهر تي حملو، فائرنگ ۾ سوڀوديرو جا 2سڳا ڀائر قتل، 2 ڄڻا زخمي هٿياربندن گهر ۾ گهڙي چئن ڀائرن تي فائرنگ ڪئي، اسد الله ۽ سميع الله ڪمبوهه ٿڏي تي قتل، امير الله ۽ اڪرام الله زخمي، ايس ايس پي ڪياماڙي چيو ته چئني ڀائرن جو ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ ڌر سان جهيڙو ٿيو، جنهن بعد هٿياربندن سندن گهر تي حملو ڪيو آهي.