ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن مان گم ٿيل شھرين جي بازيابيءَ بابت پوليس جي جاچ ناقص قرار، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ريمارڪس ڏيندي چيو ته پوليس جديد ڊورائيزز سان مغوين کي ڳولھي ۽ فوري طور جي آء ٽيز جا سيشن ڪرايا وڃن،عدالت جاچ آفيسرن کي ايندڙ ٻڌڻي تي جامع رپورٽ جمع ڪرائڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي، ڪالھ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن تي ٻڌڻي دوران جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو پوليس جي جاچ کي ناقص قرار ڏئي ڇڏيو، ، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ريمارڪس ڏيندي چيو ته پوليس اڃا تائين روايتي طريقن سان گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا ڪري رهي آهي، گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا لاءِ جديد ڊوائيس ۽ ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وڃي، فوري طور وڌ کان وڌ جي آءِ ٽيز سيشن ڪرائي ماڻهن کي جلد بازياب ڪرايو وڃي، عدالت جاچ آفيسرن کي حڪم ڏنو ته سمورن لاڳاپيل ادارن کان معلومات گڏ ڪري ايندڙ ٻڌڻي تي جامع رپورٽ پيش ڪئي وڃي، عدالت درخواستن جي وڌيڪ ٻڌڻي 20 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، گم ٿيلن ۾ فيصل، غفور، شاهد، صابر، وسيم، نسيم، خرم ۽ ٻيا شامل آهن.