ڪولاب جيئل (ن پ ا) ڪولاب جيئل لڳ ڳوٺ ڦوڙھي چانڊيا واسي نوجوان سڄڻ عرف سجاد چانڊيو جيڪو اورنگي ٽائون سنڌي ڳوٺ ڪراچي ۾ رھندو ھيو، جنھن پنھنجي وڏي ڀاءِ ارسلان چانڊيو سان ڪاوڙجي پسند جي شادي نه ڪرائڻ تان زھريلي دوا پي خود ڪشي ڪري ڇڏي، جنھن جو مڙھه ڪراچي جي اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد سندس اباڻي ڳوٺ ڦوڙھي چانڊيا آندو ويو، جڏھن ته نوجوان جو لاش گھر پهچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو.