ڪراچي ۾ ڪهڙا هٿ سرگرم آهن!

0
175
صدارتي نظام ۽ ماضي جا تجربا

 ڊگهي عرصي کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي ۾ هڪ لساني گروهه جي ڪوششن رنگ لاتو ۽ ريڊ زون ۾ تشدد جا ڏيک ڏسڻ ۾ آيا. ڪجهه عرصي کان ڪراچي جي رستن تي لساني نفرت جا منظر ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن، ان ۾ خاص طور تي جماعت اسلامي اڳڀري آهي، ان معاملي جي شروعات هن ڀيري مڪاني ادارن واري بل تان ٿي. سنڌ حڪومت  گذريل قانون ۾ ترميمون ڪندي هڪ نئون بل اسيمبلي  ۾ پاس ڪرايو، جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم جو مطالبو آهي ته مڪاني ادارن کي اهي اختيار ڏنا وڃن جيڪي مشرف جي دور ۾ مليل هئا.

 مڪاني ادارن کي بااختيار بنائڻ وارو بحث پراڻو آهي پاڪستان پنهنجي قيام کان پوءِ جيئن ته هڪ مرڪز پسند سياسي ڍانچي هيٺ اسريو آهي، تنهن ڪري هتي وفاق ۽ صوبن وچ ۾ اختيارن ۽ وسيلن جي مالڪي جو پراڻو ڦڏو هلندڙ آهي. ويندي 18 هين ترميم وسيلي صوبن کي ٿورا گهڻا اختيار منتقل ٿيا ته انهي تي به عمل نه ٿو ڪرڻ ڏنو وڃي، ساڳيو بحث صوبن اندر مڪاني ادارن جي اختيارن تي به هلندڙ آهي.

آئيني طور تي مڪاني ادارن لاءِ مالي ۽ انتظامي خودمختياري جي ڳالهه ڪيل آهي پر آئين ۾ اختيارن جي ورهاست جون هن وقت ٻه فهرستون آهن، هڪ اها جنهن ۾ وفاقي حڪومت جا کاتا ڄاڻايل آهن ۽ ٻي اها جنهن ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اختيار هيٺ آيل کاتا آهن. وفاقي حڪومت غير آئيني  طور تي ڪائونسل کي مليل کاتن مٿان به وزارتون ۽ کاتا قائم ڪري  رکيا آهن.

آئيني طور مڪاني ادارا صوبن جي فهرست ۾ آهن، ان لحاظ کان مڪاني ادارن بابت قانون سازي صوبائي حڪومت جي اختيار هيٺ آهي، هر صوبو پنهنجي سياسي  صورتحال آهر پنهنجي لاءِ مڪاني ادارن جي جوڙجڪ ۽ اختيارن بابت فيصلو ڪندو، ان لحاظ کان ڏسجي ته سنڌ حڪومت پنهنجا آئيني اختيار استعمال ڪندي ان معاملي تي قانون سازي ڪئي.

جيستائين سوال لنڊن ۽ نيويارڪ جي ميئر کي مليل اختيار ڪراچي ۾ ڏيڻ جو تعلق آهي ته اها ڀيٽ ئي اجائي آهي، اهي شهر انهن ملڪن ۾ آهن جتي قانون جي حڪمراني هوندي آهي، اتي ايئن حڪومت ۾ ويٺل ڌريون نه زمينن تي قبضا ڪنديون آهن، نه ڀتو نه ملڻ تي سوين پورهيتن کي جيئرو ساڙڻ جي همت ڪنديون آهن ۽ نه ٻورين ۾ لاش موڪلينديون آهن. مشرف دور جي بااختيار مڪاني ادارن جي نالي تي هڪ لساني گروهه کي ڪراچي جي اڇي ڪاري جو مالڪ بنايو ويو. ان دور جي ڪارن ڪرتوتن جا تفصيل عوام اڳيان آندا ئي نه ويا آهن. ڪيئن سنگين ڏوهن ۾ ملوث درجنين ماڻهن کي سرڪاري  خزاني مان پگهارون ملنديون هيون، ڪيئن عوامي ماڳن لاءِ رکيل زمينون قبضا ڪري ورهايون ويون، ڪيئن اربين رپين جي ٺيڪن مان ڪميشنون لنڊن موڪليون وينديون هيون. ان سڄي عرصي ۾ ڪراچي جي قديمي وسندين کي ترقي جي لاڀ کان بنهه ٻاهر رکيو ويو ۽ جيڪي ترقياتي ڪم ڪرايا ويا اهي هڪ مخصوص لساني تنظيم جي من پسند علائقن ۾ ڪرايا ويا.

ان دور جي مڪاني ادارن کي ضلعي حڪومتن جو نالو ڏنو ويو. اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته آئين اندر وفاقي نظام جون ايڪايون صوبا آهن، ضلعا ناهن. ضلعن اندر يا ته انتظاميائون آهن يا وري ميونسپل سروسز. ان لحاظ کان مڪاني ادارن جون ڍانچو حڪومتن وارو نه پر سروسز وارو ئي بيهندو. ميونسپل سروسز جي دائري ۾ ايندڙ معاملا بحرحال صوبي کي ميونسپل سطح تي ضرور منتقل ڪرڻ گهرجن. ان لحاظ کان بلڊنگ ڪنٽرول يا ويسٽ مئنجمينٽ جي ڪم لاءِ وفاقي حڪومت کي قانون سازي يا  پاليسي سازي ڪرڻ گهرجي باقي انهن تي عملدرآمد جا معاملا ميونسپل خدمتن جي دائري ۾ اچن ٿا جيڪي انهن جي حوالي ڪري صوبائي حڪومت کي انهن تي نظرداري( مانيٽرنگ) وارو ڪم پاڻ وٽ  رکڻ گهرجي.

 اصل معاملو هاڻي ميونسپل ادارن جي اختيارن جو رهيو ئي ناهي. جماعت اسلامي ۽ ٻين تنظيمن جي سموري مهم جو محور شهري ۽ ٻهراڙي جي نالي تي لساني وڇوٽيون وڌائڻ آهي، جماعت اسلامي ۽ ٻين تنظيمن جا بينر ۽ سندن تقريرون مڪاني ادارن جي بل تي ڳالهائڻ بدران لساني نفرت تي ٻڌل آهن،

 ان صورتحال ۾ جماعت اسلامي جو احتجاج لساني منافرت باوجود پر امن ئي رهندو آيو آهي،اوچتو گذريل ڏينهن جنهن طرح ايم ڪيو ايم احتجاج جو سڏ ڏنو ۽ ان جا ڪارڪن سڌو  چيف منسٽر هائوس اچي پهتا ان مان نظر اچي ٿو ته اهو سڀ ڪجهه ڪراچي جي پرامن ماحول ۾ رتوڇاڻ جارستا ٺاهڻ لاءِ ڪرايو ويو.

2018ع جي چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم کي ڪراچي جي شهرين تشدد  واري سياست سبب رد ڪري ڇڏيو هو، جيئن ملڪ جي ڪجهه طاقتن سندن واهر بند ڪئي ڪجهه مهينن اندر ايم ڪيو ايم جي سياسي صورتحال بنهه چٽي ٿي وئي. سياسي طور ايم ڪيو ايم اڃان ان صدمي مان گذري رهي آهي ته ان لاءِ اهو هضم ڪرڻ مشڪل هوته ان معاملي تي جماعت اسلامي شهر ۾ ٻيهر پاڙون کوڙڻ شروع ڪري ڏئي.

ٻئي پاسي وفاقي حڪومت سخت ڏچي جو شڪار آهي ان جي معيشت توڙي ٻين معاملن ۾ ڪارڪردگي ايتري خراب ٿي چڪي آهي جو ان جا پنهنجا اهم اڳواڻ پارڻي قيادت خلاف ڳالهائڻ لڳا آهن. پي ڊي ايم ۽ پيپلز پارٽي اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪا آهن. وفاقي حڪومت ان سخت دٻاءُ سبب پنهنجي حڪومت برقرار رکڻ لاءِ جتن ڪري رهي آهي. ان حالت ۾ پنهنجي اتحادي ڌر وسيلي ڪراچي ۾ حالتون خراب ڪرائڻ ان لاءِ وڏو رليف مهيا ڪندو. موٽ ۾ آدمشماري جا گهربل نتيجا به سندس اتحادي ڌر لاءِ وڏي ڇڪ جو ڪارڻ بنجي سگهن ٿا. وفاقي حڪومت هونئن به سنڌين لاءِ ڪا پنهنجائپ نه ٿي رکي ان کي اڳ ئي سنڌ جا ٻيٽ نه ملڻ سبب وڏي ڪاوڙ آهي، اها پيپلز پارٽي جي مخالفت لاءِ سنڌين جي ڊيموگرافي بدلائڻ وارو ڪم ڪندي ڪا به هٻڪ محسوس نه ڪندي.

چيف مسنٽر هائوس اڳيان اوچتو ڌرڻو لڳڻ ۽ اتي لٺبازي ٿيڻ جي پٺيان ممڪن آهي ته ڪو ڳٺجوڙ هجي، هونئن به سنڌ حڪومت صوبي اندر ڪجهه معاملن ۾ ٻين طاقتن جي مداخلت اڳيان بي وس هوندي آهي. ڪراچي  ۾ مريم نواز ۽ صفدر نواز سان هوٽل ۾ ٿيل واقعي، علي وزير جي گرفتاري وارو واقعا سنڌ پوليس ڪيا پر انهن ۾ سنڌ حڪومت جي رضا مندي شامل نه هئي. ان امڪان کي رد نه ٿو ڪري سگهجي ته ايم ڪيو ايم جو بنا رٿا بندي اوچتو چيف مسنٽر هائوس پهچڻ  ۽ اوچتو اتي لٺبازي ٿيڻ جي پٺيان به اهي قوتون هجن جن کي ڪراچي جون حالتون خراب ڪرڻ ۾ فائدو آهي.

سنڌ حڪومت کي ان صورتحال ۾ معاملن کي ٽڪراءُ بجاءِ نبيري ڏانهن کڻي وڃڻ گهرجي. مڪاني ادارن جي بل تي ان حد تائين ويچار ڪرڻ گهرجي جنهن سان بلدياتي ڪم بلدياتي ادارن حوالي ٿين، البته امن امان پوليس وغيره جهڙا حساس ڪم صوبائي حڪومت وٽ ئي رهڻ گهرجن. مڪاني ادارا با اختيار بنائجن پر ان سان گڏ کين به ابده به بنائڻ گهرجي، آئيني طور مڪاني ادارن مٿان نظرداري صوبائي حڪومت جي اختيار هيٺ رهڻ گهرجي. سنڌ ۾ لساني ٽڪراءُ کي هر صورت  ۾ روڪڻ جي ضرورت آهي، ڪراچي جو امن سڄي سنڌ ۽ سڄي ملڪ لاءِ ضروري آهي، تنهن ڪري ان جي پٺيان سرگرم هٿ  به عوام اڳيان پڌرا ڪرڻ گهرجن.