ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي ۾ کير جو سرڪاري اگھه 200 رپيا في لٽر مقرر، ڪمشنر ڪراچي پاران شهر ۾ کير 240 رپيا في لٽر وڪرو ڪرڻ کي رد ڪندي نوان سرڪاري اگھه مقرر ڪري ڇڏيا آهن. نون اگھن موجب کير جو اگهه 200 رپيا لٽر مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڊيري فارمرز کي کير 180 ۽ هول سيلر کي 188 رپين ۾ وڪرو ڪرڻ جو پابند بڻايو ويو آهي.