ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ خواجا سرائن جو “ھيجڙا فيسٽول ” وڏي تعداد ۾ خواجا سرائن سميت عورتن ۽ مرد سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ھيجڙا فيسٽول کان اڳ ميٽروپول چوڪ کان فريئر ھال تائين ريلي پڻ ڪڍي وئي. ان موقعي تي خواجا سرا اڳواڻن ڪامي سڊ، بنديا رانا، ڊاڪٽر سارا گل ۽ ٻين خواجا سرا اڳواڻن چيو ته خواجا سرائن کي پاڪستان ٺھڻ کان وٺي اڄ تائين نظرانداز ڪيو ويو آھي، تعليمي ادارن کان وٺي صحت مرڪزن تائين ھر ھنڌ ٻٽو معيار رکيو ٿو وڃي. ھنن مطالبو ڪيو ته کين بنيادي حقن سميت روزگار جا موقعا فراھم ڪيا وڃن. فيسٽول ۾ عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ سائينا علي، زھرا خان، انساني حقن واري ڪميشن جي اڳواڻ قاضي خضر ۽ ٻين چيو ته خواجا سرا ڪميونٽي جي ماڻهن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي انھن کي بنيادي سھولتون به نٿيون ڏنيو وڃن، حڪومت کي سنجيدگي سان سوچڻو پوندو.