ڪراچي( پورٽر ) بلديا لڪي چڙهائي وٽ ڊمپر موٽر سائيڪل سوار کان حياتي کسي ورتي،2 ڄڻا زخمي، بلديه لڪي چڙهائي وٽ ڊمپر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾  هڪ ڄڻو فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا، فوتي جي سڃاڻپ راحب جي نالي سان ٿي آهي، ريسڪيو رضاڪارن موجب، زخمين ۾ صاحب ۽ منير شامل آهن،  فوتي جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو حادثي جو شڪار موٽر سائيڪل سوار پاڻ ۾ ڀائر آهن، هوڏانهن  شهرين ڊمپر ڊرائيور کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو