سيوهڻ(رپورٽ:اشرف عطار ) سنڌڙي جي جڳ مشهور عظيم صوفي بزرگ حضرت سخي لعل شھباز قلندر جو 773ھون سالياني عرس مبارڪ واريون تقريبون پڇاڻي تي پھتيون جڏھن ته قلندر جي ميلي جي آخري ڌمال تي به عوام جو جوش ۽ جذبو ڏسڻ وٽان ھو عقيدت مند جلوس ڪڍي قلندري ڌمالون ھڻي وجداني ڪيفيت ۾ رقص ڪندي قلندر جي مزار تي عقيدت جو اظھار ڪرڻ ۾ مصروف رھيا جڏهن ته پنجاب ۽ سنڌ جي مختلف ضلعن کان آيل لکين زائرين درگاھ قلندر جي مزار تي حاضري ڏيڻ بعد واپس پنھنجي ماڳن طرف روانو ٿيڻ وقت آکين مان لڙڪ لاڙي ويٺا ھنن عقيدتمندي جو اظھار ڪندي چيو ته زندگي رھي ته ايندڙ سال وري ميلي تي اينداسين. ھنن چيو ته لعل شھباز قلندر جي ميلي ۾ ٽي ڏينهن ايئن گذري ويا جو خبر ئي پئجي نه سگھي پر جڏھن اڄ واپس پنھنجي گھر طرف پيا ٿيون ته دل چوي ٿي ته ھميشھ قلندر تي رھجي وڃجي, ڇو ته اولياء الله ۽ ولين جي درن تي روحاني سڪون ملي ٿو اميدن تي دنيا قائم آھي ته من جون مرادون حاصل ڪرڻ لاء وري اچبو بعد ۾ زائرين پنھنجن پنھنجن منزلن طرف روانا ٿيڻ لڳا آهن. هوڏانهن وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاه حضرت لعل شھباز قلندر رحه جي 773 هين عرس مبارڪ جي ٽئين ڏينهن جي اختتامي تقريب ۾ سيوھڻ پهتو. حضرت لعل شھباز قلندر رحه جي مزار تي حاضري ڏني ۽ چادر چاڙهي فاتحه خواني ڪئي. چيئرمين شھباز ميلا ڪميٽي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري وزيراعليٰ کي يادگار شيلڊ پيش ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه غريب عورتن ۾ ڪپڙا ۽ تحفا ورهايا. بعد ۾ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاه ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اڄ هتي مون صوبي ۽ ملڪ جي ترقي لاءِ دعا گهري آهي. هن چيو ته موسم جي بهتري جي ڪري عرس مبارڪ ۾ رڪارڊ تعداد ۾ ماڻهو آيا آهن. انتظاميه جي طرفان مون کي ٻڌايو ويو آهي ته 25 لک کان وڌيڪ ماڻهن عرس مبارڪ ۾ شرڪت ڪندي حضرت لعل شھباز قلندر رحه سان پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته انڊس هاءِ وي روڊ تي ٿيل حادثا انڊس هاءِ وي جي تعمير نامڪمل هجڻ جي ڪري ٿيا آهن، پر عرس مبارڪ جي دوران مجموعي طور تي انتظام بهتر رهيا آهن.” هڪ سوال تي وزيراعليٰ سنڌ چيو ته مان ڪنهن جي لاءِ ڪجهه نه ٿو چوان، بس الله هن ملڪ کي خوشحال ڪري. انڊس هاءِ وي لاءِ 50 سيڪڙو رقم 7 ارب رپيا سنڌ حڪومت ڏنا آهن، پر ان جي باوجود به هي منصوبو اڃا تائين مڪمل نه ٿيو آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته مرتضي جتوئي قتل جي ڪيس ۾ ضمانت تي هو ضمانت ختم ٿي وئي ته قانون پنهنجو رستو ورتو. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته اسين ته چاهيون ٿا ته سيوهڻ ۾ به انٽرنيشنل ميچ ٿين، پر وسيلن جي گهٽتائي آهي. پر اسان حيدرآباد جي نياز اسٽيڊيم لاءِ پي سي بي کي چيو آهي ۽ انهن ان لاءِ حامي به ڀري آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاه چيو ته حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ ٿيل ڊمپر حادثن جي سخت مذمت ڪريان ٿو. هي انتظامي معاملا آهن، جتي به حادثو ٿيو آهي، اتي قانون مطابق ڪارروائي ڪئي وئي آهي ۽ سنڌ حڪومت ان مسئلي کان واقف آهي. وزيراعليٰ چيو ته اين ايڇ اي کي 2017 ۾ انڊس هاءِ وي جي تعمير لاءِ 7 ارب رپيا ڏنا هئا ۽ آئون ٽن وزيراعظم کي هي ڳالھ چئي چڪو آهيان ته انڊس هاءِ وي جي تعميري ڪم کي فوري طور تي مڪمل ڪيو وڃي.