ملير/ ڪراچي( نمائندن وٽان) ڪراچي ۾ ڊمپرن جو راڄ : وڌيڪ 2 شهري اجل جو شڪار، ان ڏس ۾  قائد آباد ۾ مرغي خاني ويجهو تيز رفتار ٽرالر موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو، جنهن جي  نتيجي ۾ عامر فوت ۽ ساجد زخمي ٿي پيو جنهن کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ,جڏھن ته ٽرالر ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو، هوڏانهن  گلبرگ ۾ واٽر ٽينڪر هيٺان اچي 10 ورهين جو نينگر فوت ٿي ويو.