اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد ۾ چيني سفارتخاني جو دورو ڪيو، وزيراعظم سان پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زيڊونگ ملاقات ڪري گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ چيني شهرين تي فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪئي. وزير اعظم چيني سفير سان ڳالهائيندي چيو ته مان چيني شهرين تي ٿيل حملي جي مذمت ڪرڻ ۽ زخمين جي خيريت معلوم ڪرڻ لاءِ آيو آهيان. وزيراعظم چيني سفير کي يقين ڏياريندي چيو ته مان معاملي جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري سزا ڏني ويندي. مون واقعي ۾ زخمي ٿيل چيني شهرين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته چين پاڪستان جو پراڻو دوست آهي. چيني شهرين تي حملو پاڪستان ۽ چين جي ڀائراڻن لاڳاپن کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش آهي. پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي حفاظت حڪومت جي اولين ترجيح آهي. چيني سفير وزيراعظم جو سفارتخاني جي دوري تي شڪريو ادا ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته وزيراعظم واقعي جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. اِن موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، گهرو وزير محسن رضا نقوي ۽ معاون خصوصي طارق فاطمي به وزيراعظم سان گڏ هئا.