ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ بين الاقوامي ٿيٽر فيسٽيول جون رنگا رنگ تقريبون شروع، ريڊ ڪارپيٽ تي شوبز جي ستارن سان گڏ گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري ۽ ثقافت وارو وزير جنيد شاھه جي آمد، پنجاب جو گورنر بليغ الرحمان به شريڪ ٿيو، آرٽس ڪائونسل جي صدر پاران ميمبرن لاءِ ٽڪيٽ فري ڪرڻ جو اعلان، ڪالھه آرٽس ڪائونسل ۾”پاڪستان ٿيٽر فيسٽيول 2023“ جون رنگا رنگي تقريبون شروع ٿي ويون، فيسٽيول جو افتتاح مشهور هدايتڪار ۽ اداڪار سلمان شاهد ڪيو، آرٽس ڪائونسل جي صدر جو چوڻ هو ته ٿيٽر فيسٽيول هڪ مهيني تي مشتمل آهي، جنهن ۾ روزانو مختلف ڊراما پيش ڪيا ويندا، جڏھن تھ هفتي جي آخر ۾ ٻه ڊراما پيش ڪيا ويندا، ٿيٽر فيسٽيول ۾ عالمي ٿيٽر گروپن جي آمد به شروع ٿي وئي آهي، 9 سيپٽمبر تي آمريڪي ٿيٽر گروپ اپ لفٽ پنهنجو ڊرامو ”ٿرو دي ويوز“ پيش ڪندو، جڏھن تھ 10 سيپٽمبر تي سري لنڪا جو هڪ ڊانس گروپ “ڪنيا” رقص پيش ڪندو، ھوڏانھن آرٽس ڪائونسل جي صدر محمد احمد شاهه پاران پڻ آرٽس ڪائونسل جي ميمبرن لاءِ مفت ٽڪيٽن جو اعلان ڪيو ويو آھي، ميمبر آرٽس ڪائونسل مان صبح 12 کان رات 8 وڳي تائين ٽڪيٽون حاصل ڪري سگھن ٿا. ـ سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري چيو ته ھي فيسٽول اميدن جو فيسٽيول آھي. قوم جي حيثيت سان اسانکي مايوس ناھي ٿيڻو۔ اسين سڀ گڏجي پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪري ملڪ کي مسئلن مان ڪڍي سگھون ٿا، پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان چيو ته ھن وقت جڏهن ھر طرف پريشانيون آھن، تڏهن آرٽس ڪائونسل جھڙا ادارا ماڻهن ۾ مرڪون ورهائين پيا،