ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پ پ ڪارڪن گهريلو پريشانين ۽ غربت سبب خودڪشي ڪري ڇڏي، ان ڏس ۾ اورنگي ٽائون جي پريشان چوڪ وٽ 35 ورهين جي علي شير پٽ امير گل لوندڙي وٽ گولي هڻي خودڪشي ڪري ڇڏي، پوليس موجب علي شير فيڪٽري ۾ ڪم ڪندو هو، غربت سبب پريشان هو، واقعي کان اڳ سندس زال سان به جهيڙو ٿيو هو. پوليس موجب علي شير سياسي پارٽي سان سلهاڙيل هو