ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گذريل مهيني ڪراچي ۾ شهيد ٿيل پارٽي عهديدارن حسين الهديٰ عرف امجد حسين ۽ شوڪت حماد بلوچ جي گهر پهتو ۽ سندن گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. پ پ چيئرمين اورنگي ٽائون يونين ڪميٽي 26 ۾ حسين الهديٰ جي ڀاءُ نجم الهديٰ عرف شاهه رخ سان تعزيت ڪئي. جڏهن ته بلديا ٽائون يونين ڪميٽي 31/5 ۾ پارٽي جي سينيئر نائب صدر شوڪت حماد بلوچ شهيد جي والد حاجي لعل بخش، ڀائرن برڪت علي ۽ زاهد حسين سان تعزيت ڪئي. هن شهيد شوڪت حماد بلوچ جي ننڍڙن ٻارن حارث حماد، صاحب حماد ۽ سعيده حماد جي مٿي تي پڻ شفقت جو هٿ رکيو. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهيدن جي درجات جي بلندي لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ خاندانن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. هن هڪ ڀيرو ٻيهر مطالبو ڪيو ته شهيدن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. ان موقعي تي لياقت آسڪاڻي، علي احمد جان، عبدالڪريم آسڪاڻي، عجب خان سواتي، جميل ضياءَ، وسيم اختر ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ گڏ هئا. عوام ۽ ڪارڪنن جي وڏي انگ آجيان ڪئي.