ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مومن آباد ٿاڻي تي پوليس ۽ وڪيلن ۾ جهيڙو، وڪيلن جو احتجاج، ايس ايچ او ۽ اي ايس آئي سميت 20 کان 25 اهلڪارن تي ڪيس داخل، جمعي ۽ ڇنڇر جي وچ واري رات وڪيل وقار احمد ۽ ٻيا ٿاڻي ۾ هڪ ايف آئي آر جي معلومات وٺڻ لاءِ پهتا، ان دوران ڊيوٽي آفيسر ۽ وڪيلن ۾ منهن ماري ٿي، پوليس اهلڪار ۽ وڪيل هڪٻئي کي هٿين پئجي ويا، جهيڙي ۾ وڪيل وقار ۽ طاهر محمود کي زخم رسيا. پوليس موجب هڪ اي ايس آئي به زخمي ٿيو. ايس ايس پي اولهه طارق مستوئي مستوئي موجب مومن آباد ٿاڻي جي هڪ اي ايس آئي ۽ پنج اهلڪارن کي معطل ڪري ڪوارٽر گهاٽ ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ وڪيلن احتجاج ختم ڪيو، طارق مستوئي ٻڌايو ته واقعي جي انڪوائري ايس پي اورنگي کي ڏني وئي، شروعاتي انڪوائري ۾ غلطي ثابت ٿيڻ تي اي ايس آئي سوڌو پنجن اهلڪارن خلاف ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ مدعي وڪيل وقار احمد موقف اختيار ڪيو آهي ته ڪالھ رات پنهجي ساٿي وڪيلن سان گڏجي هڪ ايف آئي آر جي معلومات جي سلسلي ۾ مومن آباد ٿاڻي تي پهتاسين ته ڊيوٽي آفيسر فيض بلوچ سان ملاقات ٿي جنهن انتهائي بدتميزي سان اسان کي ٿاڻي کان ٻاهر نڪرڻ جو چيو ان دوران ايس ايچ او مومن آباد معراج انور به پهتو، ان فوري تي ٿاڻي تي موجود ٻين ماڻهن کي ٿاڻي ۾ ڪڍي ڇڏيو ۽ پنهجي ماتحت عملي کي اسان مٿان تشدد جو حڪم جاري ڪندي چيو ته وڪيل ڪجهه گهڻو ئي مٿي تي چڙهي ويا آهن ڪينالن ۽ ٻين معاملن تي به اهي وڪيل روڊ بند ڪندا آهن، انهن کي سبق سيکاريو، جنهن کانپوءِ 20,25 پوليس اهلڪارن اسان کي مارڻ جي نيت سان اسان تي  حملو ڪيو، جنهن ۾ آئون ۽ ساٿي وڪيل طارق محمود زخمي ٿي پيا سين، ان دوران ايس ايچ او معراج انور ٿاڻي جي بجلي بند ڪرائي ڇڏي ۽ ايڊوڪيٽ طارق محمود کي اڻڄاتل ماڻهو گاڏي ۾ وجهي فرار ٿي ويو جنهن کي صبح جو پنجين بجي شبير اسپتال ويجهو اڇلايو ويو، ايڊوڪيٽ طارق محمود ٻڌايو ته مٿس سڄي رات تشدد ڪيو ويو