ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پوليس ڇاپي دوران گرفتاري کان بچڻ جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار عورت 4 ماڙ تان هيٺ ڪري فوت، ايس ايس پي سائوٿ موجب گرفتار جوابدار عبيد جي نشاندهي تي ڊفينس جي علائقي مسلم ڪمرشل ۾ واقع هڪ فليٽ تي پوليس ڇاپو هنيو، ڇاپي دوران پوليس فليٽ جو دروازو کڙڪايو، جوابدار عورت افشين دروازو  کولڻ بجاءِ بالڪوني کان ٻاهر پاڻي واري پائيپ کي پڪڙي ورتو ، پاڻي وارو پائيپ ٽٽڻ ڪري عورت هيٺ ڪري پئي، کيس فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڏنو. ايس ايس پي سائوٿ موجب افشين  گرفتار جوابدار عبيد جي منشيات فروشي واري ڌنڌي ۾ پارٽنر هئي، افشين  گهر ۾ اڪيلي رهندي هئي ، سندس گهر مان منشيات به هٿ آئي، لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو