ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ مقابلا، سپاهي شهيد: ڦورو مارجي ويو: اهلڪار زخمي، ان ڏس ۾ سرجاڻي ٽائون جي ڪنيز فاطمه سوسائٽي ۾ مبينه مقابلو ٿيو. ايس ايس پي اولهه طارق الاهي مستوئي موجب سيڪيورٽي گارڊ ڦورن جي موجودگي جو اطلاع ڏنو، پوليس پهچڻ تي ڦورن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار محمد فاروق ۽ صفدر زخمي ٿي پيا، محمد فاروق کي سيني ۽ صفدر کي پيٽ ۾ گولي لڳي، اسپتال داخل محمد فاروق زخمن جا سور نه سهندي دم ڏنو، هوڏانهن ضياءَ ڪالونيءَ ويجهو پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو ٿيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 جوابدار زخمي ٿي پيا، جن مان هڪ ڦورو ممتاز اسپتال نيئندي رستي ۾ فوت ٿي ويو، زخمي ڦورن ۾ شبير ۽ ساجد شامل آهن