ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ)ڪراچي ۾ پهريون ڀيرو اٽو 104 رپيا في ڪلو واري بلند سطح تي پهچي ويو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي مختلف بازارن ۾ چڪين وارو اٽو 90 ۽ برانڊيڊ اٽو 104 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو هو
جڏهن ته فلور ملز جو اڍائي نمبر اٽو پڻ 75 کان 80 رپيا في ڪلو تي پهتل هو، ٻئي طرف سنڌ سرڪار پاران اڍائي مهينا اڳ وزيرعظم جي هدايتن تي فلور ملن جو اٽو 40 رپيا في ڪلو واري اگهه تي وڪڻڻ وارو سلسلو 10 ڏينهن هلڻ بعد اڻ اعلانيل طور بند ٿي ويو
اٽي جي اگهه ۾ واڌ شهرين کي پريشان ڪري ڇڏيو، واضح رهي ته سرڪار پاران ڪڻڪ جو امدادي اگهه 2200 رپيا في مڻ ۽ فلور ملز جي اٽي جو اگهه 58.5 رپيا في ڪلو مقرر ڪيو هو