ملير (رپورٽر) سنڌ جي گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز چيو آهي ته بين الاقوامي سطح جا مقابلا ڪرڻ تي ايس ايس يو کي داد ڏيون ٿا، ايس ايس يو پاران شوٽنگ چيمپيئن شپ تقريب منعقد ڪرڻ بهترين فيصلو آهي، ايس ايس يو ۽ انٽرنيشنل پوليس آرگنائيزيشن جي گڏيل تعاون سان پهرين پوليس ايڪسٽريم هينڊ گن شوٽنگ چيمپيئن شپ 2023ع جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته شوٽنگ چيمپيئن شپ ۾ فورسز کانسواءِ عام شهرين به حصو ورتو. ان موقعي تي ڊي آءِ جي (سيڪيورٽي) ڊاڪٽر مقصود احمد چيو ته ايس ايس يو مستقبل ۾ به اهڙا مقابلا ڪوٺائيندي رهندي، جنهن سان پوليس جو مورال اجاگر ٿيندو. چيمپئن شپ ۾ 137 قانون نافذ ڪندڙ اهلڪارن، سويلين ۽ عورتن 3 ڪيٽيگرين ۾ حصو ورتو، فاتحن ۾ روڪ انعام، ميڊلز ۽ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا.