ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي منگهوپير واري علائقي مان ٽينڪر مافيا پاران ٽريفڪ پوليس جي اهلڪار کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، اهلڪار کي بازياب ڪرائڻ ويل پوليس ٽيم تي حملو، 3 پوليس اهلڪار زخمي. ايس ايس پي اولهه طارق مستوئي موجب ٽينڪر ڊرائيور ناڪي تي رُڪجڻ بدران ٽريفڪ پوليس اهلڪار تلڪ راج کي اغوا ڪري پاڻ سان گڏ  وٺي وڃي رهيا هئا ته پوليس موبائل گاڏي جو پيڇو ڪيو، اهلڪار کي بازياب ڪرائڻ جي ڪوشش دوران ويجهو موجود آبادي مان ماڻهو نڪري آيا، جن پوليس تي حملو ڪري ڏنو، ڏنڊا ۽ پٿر لڳڻ سبب 3 پوليس اهلڪار رزاق، اويس ۽ يعقوب زخمي  ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. واقعي کانپوءِ پوليس جي وڌيڪ نفري طلب ڪري ٽريفڪ پوليس اهلڪار کي بازياب ڪرايو ويو. واقعي جو ڪيس اجمير نگري ٿاڻي تي اغوا قلم هيٺ داخل ڪيو ويو آهي. ٽئنڪر ڊرائيور ۽ پوليس تي حملو ڪندڙن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.