ڪراچي جَي علائقي ڪلفٽن ۾ 2 ڏينهن اڳ واقعو پيش آيو، پوليس موجب ٻوڏ متاثر نينگري سان اجتماعي زيادتي( گينگ ريپ) ڪيو ويو، جنهن جِي تصديق ٿي آهي
پوليس موجب واقعو ڪلفٽن جي بلاڪ چار ۾ ٻوڏ متاثرن جي ڪيمپ ۾ پيش آيو، متاثر نينگري جي عمر 8 کان 9 سال جي وچ ۾ آهي
پوليس سرجن آفيس موجب نينگري سان اجتماعي زيادتي جي تصديق ٿي آهي
پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدارن ٻارڙي کي يرغمال بڻائي ڪيمپ مان ڪنهن ٻئي هنڌ کڻي ريپ جو نشانو بڻايو
ھي به پڙھندا