ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي تي ٻئي ڏينهن به ڪوهيڙي ( فوگ) جو راڄ رهيو، شهر جي ايئر ڪوالٽي انڊيڪس 220، لاهور جي 218 ۽ دهلي جي 198 رهي، ڪراچي ۾ هڪ موقعي تي انڊيڪس 309 تي پڻ پهتي، شهر ۾ سڄو ڏينهن ڌنڌ ڇانيل رهي، ٻئي طرف ماحولياتي ماهرن شهرين کي ماسڪ استعمال ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي