ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ وڪيل  ۽ پائلٽ ڀائر  وڙهي پيا: گاڏي کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، ان ڏس ۾  گلستان جوهر جي نواز شريف سوسائٽي ۾ وڪيل شهزور منگي پنهنجي پائلٽ ڀاءُ شيراز منگي جي اسپورٽيج گاڏي کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، ٻئي طرف  شيراز پنهنجي ڀاءُ شهزور خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي ڇڏي. پوليس موجب ٻنهي ڀائرن ۾  تڪرار ٿيو، فجر  مهل شهزور گهٽي ۾ بيٺل گاڏي مٿان پيٽرول هاري باهه ڏني، جنهن سبب گاڏي سڙي وئي.