ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي وڪيلن جي پنجين ڏينهن به ھڙتال، سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي مک دروازن کي تالا، چيف جسٽس جي چيمبر آڏو پنج ڪلاڪ ڌرڻو، ان ڏس ۾ ملير جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ۽ وڪيلن وچ ۾ پيدا ٿيل تڪرار ملير ۽ ڪراچي سٽي ڪورٽ کان وڌي سنڌ ھاءِ ڪورٽ تائين پھچي ويو، سنڌ بار ڪائونسل، سنڌ ھاءِ ڪورٽ بار، ڪراچي بار ۽ ملير بار جي گڏيل سڏ تي وڪيلن چيف جسٽس جي چيمبر ٻاھران 5 ڪلاڪ ڌرڻو ھڻي نعري بازي ڪئي، انهي کان اڳ وڪيلن سنڌ هاءِ ڪورٽ جا مک دروازا بند ڪري سرڪاري وڪيلن ۽ شهرين کي اچڻ کان منع ڪري ڇڏيو، جنھن سبب اھم ڪيسن جون ٻڌڻيون نه ٿي سگهيون، هوڏانهن سنڌ ھاءِ ڪورٽ بار جي صدر سليم مڱريو۽ جنرل سيڪريٽري عامر وڙائچ جو چوڻ هو ته ملير جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي روين خلاف ھڙتال ڪئي وئي آھي، اسين معاملن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ چاھيون پيا پر ڪا موٽ نه ملڻ ڪري ھڙتال ڪئي آھي، چيف جسٽس سان ملاقات ڪري معاملا رکيا پر ڪو حل نه نڪتو، ان موقعي تي وھاب بلوچ چيو ته عدالت ۾ روزانو ھزارين سائل پيش ٿين ٿا، سخت گرمي ۾ انھن لاءِ پاڻي بند ڪيو ويو آهي.