ڪراچي ۾ واپاري کان هڪ ڪروڙ ڀتو طلب ڪندڙ جوابدار گرفتار

0
24
ڪشمور ۾ تعليم ۽ ناڻي کاتن

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي  منظور ڪالوني ۾ ايس آءِ يو ڪارروائي ڪندي واپاري کان هڪ ڪروڙ روپيا ڀتو طلب ڪرڻ واري ڀتاخور کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جوڙيا بازار جي واپاري کان ڀتو طلب ڪيو هو ۽ فيروز آباد ۾ واپاري جي گهر ڀتي جي پرچي ۽ گوليون موڪليون هيون.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار 6 ڀيرا اڳ ۾ به گرفتار ٿي چڪو آهي، جوابدار جي خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.