ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ 6 پوليس مقابلا: 8 هاف فراءِ 12 گرفتار، ان ڏس ۾ سهراب ڳوٺ پوليس دعويٰ ڪئي ته پوليس جمالي ڳوٺ ۽ علي ڳڙهه سوسائٽي ۾ جوابدارن سان مقابلاڪري شاهد گل ولد نواز گل، عبدالوهاب ۽ ساحل کي گرفتار ڪيو ويو، ٽنهي جوابدارن مان 2 جوابدار شاهد گل ۽ عبدالوهاب زخمي آهن، سندن قبضي مان هٿيار، گوليون، موبائل فون ۽ موٽر سائيڪلون هٿ ڪيون ويون. ھوڏانھن سعيد آباد پوليس گلشن مزدور ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ بعد زخمي مزل کي سندس ساٿي وقاص سميت گرفتار ڪري سندن قبضي مان هٿيار، گوليون ۽ ڦر ڪيل سامان هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. هوڏانهن لياقت آباد پوليس 7 نمبر واري علائقي ۾ مبينه مقابلي بعد جوابدار دانش نسيم کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو. ٻئي طرف ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ بعد 2 زخمي جوابدارن طاهر ۽ ڪامران ۽ سندن ساٿي عثمان کي گرفتار ڪيو ويو. جڏهن ته ڪورنگي جي راجپوتانا اسپتال وٽ مقابلي بعد ٻن زخمي جوابدارن سلطان، عاصم ۽ سندن ساٿي رضوان کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس موجب گرفتار جوابدارن جي قبضي مان هٿيار، گوليون، موبائيل فون، موٽر سائيڪل ۽ ڦر ڪيل ٻيو سامان هٿ آيو آهي