ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ هڪ وڌيڪ مقابلو، ڪار لفٽر مارڻ جي دعويٰ، ايس ايس پي بشير بروهي موجب مومن آباد واري علائقي ۾ اي وي ايل سي پوليس ۽ جوابدارن ۾ مقابلو ٿيو، جنهن ۾ سعيد ڪلهوڙو عرف اياز عباسي ولد حسين بخش مارجي ويو، سندس قبضي مان شاھراھه نور جهان وٽان چوري ٿيل الٽو ڪار هٿ ڪئي وئي، جوابدار سرڪاري گاڏين جي چوري ۾ ملوث هو، تازو هن ايس ايس يو  جي ريوو گاڏي به چوري ڪئي هئي، اڳ ۾ 6 ڀيرا گرفتار ٿي چڪو هو، سندس خلاف 31 ڪيس داخل ٿيل هئا.