ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي انتظاميا پاران شهر ۾ هيوي ٽريفڪ لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان ڪراچي جي ڪمشنر جي هدايت کان پوءِ قلم 144 لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ته شهرين جي تحفظ ۽ ٽريفڪ رواني کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هيوي ٽريفڪ رات 10 وڳي کان صبح 6 وڳي تائين روڊن تي هلي سگھندي.