ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايف آءِ اي  جي ٽيم ڪراچي جي ايم اي جناح روڊ  تي ڇاپو هڻي هنڊي جو ڪاروبار ڪندڙ 3 جوابدارن محمد شاهد، محمد حسين ۽ عبدالرشيد کي گرفتار ڪري ورتو، ڇاپي دوران 32 هزار 7سئو امريڪي ڊالر، 15هزار سعودي ريال، 800 درهم ۽ 9 ڪروڙ 88 لک رپيا هٿ آيا. ترجمان موجب جوابدار هنڊي جي ڪاروبار ۾ ملوث آهن، سندن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي