ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صدف ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي اسڪيم 33 ۾ اليڪشن نه ڪرائڻ وارو معاملو عدالت پھچي ويو، ڪالھ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صدف ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي اسڪيم 33 ۾ اليڪشن نه ڪرائڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي دوران درخواست گذار عدالت کي ٻڌايو ته سوسائٽيءَ ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان چونڊون ناهن ٿيون، اسان جون شڪايتون 2021 کان رجسٽرار وٽ التوا ۾ آهن، عدالت درخواست گذار کان پڇاڻو ڪيو ته ايڊمنسٽريٽر کي مقرر ڇو ناھي ڪيو ويو؟ جنھن تي درخواستگذار چيو ته رجسٽرار کي اليڪشن ڪرائڻ لاءِ بار بار درخواست ڪئي پر ڪابه ٻڌڻي نه ٿي، عدالت سوسائٽيءَ جي انتظاميا کان 15 ڏينهن ۾ رپورٽ طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 16 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.